ريتي ڀرسان ڏهر واهه کي 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

ريتي (ن ع آ) ريتي ويجهو ڳوٺ مير خان رند ويجهو  ڏهر واه کي آر ڊي 34 وٽان اوچتو 20  فوٽ گهارو پئجي ويو جنهن سبب سوين ايڪڙن تي  پوکيل ڪپھ ۽ ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جڏهن ته ڏهر واه کي پيل گهاري جو آبپاشي عملدارن کي بروقت اطلاع  ڏيڻ باوجود عملي جي نه پهچڻ تي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 6 ڪلاڪن بعد گهارو بند ڪيو.  ان موقعي تي متاثره ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ڏهر واه کي پيل گهاري سبب اسان جو سوين ايڪڙن تي پوکيل ووئڻن ۽ ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن جي ڪري اسن کي لکين روپين جي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي انهن چيو ته واهن جي مرمت لاءِ آيل ڪروڙين روپيا ايريگيشن انجنيئر جي مبينا ڪرپشن سبب واهن جي مرمت نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب واهن جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن ڳوٺاڻن وڌيڪ چوڻ هو هر سال جيان هن سال به  ايريگيشن عملي جي ملي ڀڳت سان افغاني پٺاڻ واه جا ڪپر ٽوڙائي لکين روپين جي مٽي چوري ڪري وڪرو ڪئي آهي جنهن جي جي ڪري هي اڄ گهارو پئجي ويو آهي انهن اعلي اختيارين  کان مطالبو ڪيو ته ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.