پير ڳوٺ ۾ شاگرد کان ڦر ڪرڻ خلاف ڌرڻو

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ جي شاگرد محمد سرور عباسي کان موٽر سائيڪل ڦر ۽ تشدد واري واقعي خلاف  شاگردن پاران ڪاليج جي گيٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي محمد سرور عباسي، ثمير گل، محمد ڇٽل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.  ان موقعي تي هنن چيو ته ڪاليج ڏانهن پيپر ڏيڻ لاء ايندڙ شاگرد محمد سرور عباسي کي هٿياربند ڦورن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هنن چيو ته اسان پيپر ڏيڻ لاء ڪاليج اچون ٿا ته پر رستي ۾ شاگردن کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل توڙي ٻيو سامان ڦرلٽ ڪرڻ بعد کين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ڪري شاگرد غير محفوظ بڻيل آهن. پيرڳوٺ پوليس به خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن گهر ڪئي ته ڦر ڪيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ امتحان جو بائيڪاٽ ڪري ايس ايس پي خيرپور آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.