سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ گمنام سپاهي طاهر عباس مغل

تحرير: ڊاڪٽر عابده گھانگھرو

طاهر عباس مغل، سنڌ جي نامور شخصيت ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جو پنجون نمبر نياڻو، پروفيسر قمرالنساءِ جو گهروارو هو. مان طاهر عباس مغل محرابپور شهر جي ويجهو ٽنڊي ۾ 24 جولاءِ 1966ع ۾  امداد علي مغل جي گهر ۾ جنم ورتو. هو خيرپورميرس جي ناز هاءِ اسڪول ۾  ميٽرڪ تائين پڙهيو ۽  سپريئر سائنس ڪاليج مان بي اي ڪيائين. 80 جي ڏهاڪي ۾ محرابپور جي ڊي ايس ايف جي سرگرم ترين نوجوانن مان هو.  ڪراچيءَ روزگار لاءِ آيو. هن شروع کان ئي مُلر ائنڊ فپس دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ورڪر طور ڪم جي شروعات ڪئي. ڪمپنيءَ ۾ ڪيترين ئي مخالفتن ۽ رڪاوٽن جي باوجود پنهنجي محنت سان ترت ئي آفيسر گريڊ ۾ ترقي ڪري مُک ويئر هائوس جو انچارج مقرر ٿيو. هينئر ڪراچيءَ جي ٽن مک ويئر هائوسن کي اڪيلي سر پئي سنڀاليائين.  ملر ائنڊ فپس ڪمپنيءَ ۾  پنهنجي مهارت، محنت ۽ ايمانداريءَ سبب ڪيترائي مالي فائدن وارا ڪم ڪري ڪمپنيءَ کي ترقي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين.

طاهر عباس مغل، بنيادي طور تي هڪ نظرياتي، روشن خيال،انتهائي مخلص،  معامله فهم، هڏڏوکي ۽ سچو انسان هو. هو هڪ بين الاقوامي ڪمپنيءَ ۾ 30 سالن کان سٺي رينڪ واري آفيسر طور رهيو. اسان وٽ اهڙي قسم جي ڪمپنين مان ماڻهو مختلف ٽڪساٽ ڪري ڪروڙپتي ۽ ارب پتي ٿي ويندا آهن.  جيڪو ڪم ڪرڻ طاهر عباس لاءِ ڄڻ کٻي هٿ جو کيل هو . پر هن سچي انسان وٽ ڪڏهن  پنهنجي ضمير وڪڻڻ جو تصور به نه هو. هن وٽ ڪيترائي اختيار هئا جن کي پنهنجي ذاتي مفاد ۾ استعمال ڪري سگهي پيو پر هن هميشه پنهنجي اختيارن کي ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪيو.

سنڌ جي ڪنهن به شهر کان ڪو به سنڌي روزگار لاءِ وٽس ايندو هو ته طاهر عباس کيس پنهنجي نه ته ڪنھن نه ڪنھن ڪمپنيءَ ۾ يقيني طور ملازمت ڏياريندو هو. ملر ائنڊ فپس توڙي ٻين ڪيترين ئي دوائن جي ڪمپنين ۾ سنڌي ملازمن جو وڏو انگ طاهر عباس جو رکرايل آهي. ان کان علاوه هر قسم جي روزگار جو ڄڻ ته وٽس ڪارخانو هوندو هو.  اهو محض انڪري جو سندس رهائي تمام گهڻي هئي. يار ويس ايترو جو وڏن وڏن آفيسرن کان وٺي معمولي ڪم ڪندڙن سان به سندس گھرا ناتا هوندا هئا هو انهن سان وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو ڪچهريون ڪندو هو. ڪنھن جو ڪو به ننڍي کان ننڍو توڙي وڏي کان وڏو ڪم نه ٽاريندو بلڪه هر ڪم پنهنجي ذميداري سمجهي ڪندو. پنهنجو پرائو ڪوبه کيس ڪو مسئلو ٻڌائي ته ان لاءِ  يڪدم  هِن هُن کي چئي ڪو نه ڪو رستو ڪڍي وٺڻ سندس ايمان ۾ شامل هو. ائين هو هڪ گمنام سپاهيءَ وانگر عوام جا انيڪ ڪم خاموشيءَ سان ڪندو رهندو هو. ڪير تعريف ڪريس ته هلڪو کلي چوندو ” اڙي بابا ڪا ڳالھه ئي ڪانهي  ڪنهن غريب جو ڀلو ٿي وڃي ته سٺو” . هو هڪ درياه دل انسان هو. پئسو ڪڏهن به سندس ڪمزوري نه رهيو. پنهنجن توڙي پراون جي بي لوث مالي مدد ڪندو، نه پاڻ ڪڏهن ورجائيندو نه ئي واپسيءَ جي اون رکندو. آئين ڪيترن ماڻهن سندس ان مزاج کي پرکي ساڻس ويساهه گهاتيون به ڪيون پر هو سمجهڻ ٻجھڻ جي باوجود کين معاف ڪري ڇڏيندو هو. پڇڻ تي چوندو، ” اڙي بابا ڇڏيوس،  ڪيترا ڏينهن کائيندو،  اسان به ڪڏهن نه کٽنداسين".

اسان جي خاندان ۾ ڊاڪٽر ڪمال صاحب ۽ ڀاءُ طاهر عباس جوڙيوال هئا. خاندان جي ڪنهن به خوشيءَ توڙي غميءَ جي موقعي تي ٻِٽُ بيٺا هو ندا هئا. انهن ٻنهي جي شادي به ساڳي ئي ڏينهن، ساڳي ئي هال ۾ ٿي هئي. ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي به تمام گهڻي هئي.

ڊاڪٽر ڪمال صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ هن اسانجي گهر جي گهڻين ذميدارين کي پنهنجي ذميدارين ۾ شامل ڪري ڇڏيو. مونکي مٿي تي هٿ رکي نرڙ تي چمي ڏئي چوندو هو ،  "بابا مان توهان جو ڀاءُ آهيان نه!!. ڪمال جا ٻچا منهنجا ٻچا آهن” . هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي ۾ هو هڪ سگهاري ڇپر ڇانو وانگر رهيو. هر عيد توڙي خاص ڏينهن ڏڻ اسان سان گڏ ملهايائين هر وقت رابطي ۾ رھندو هو، چوندو هو ڪمال کانپوءِ زندگيءَ تان ڀروسو ختم ٿي ويو آهي. سندس هڪڙو ئي وڏو ڀاءُ تنوير شهاب مغل  ڪجهه سال اڳ وفات ڪري ويو هو انڪري پنهنجي خاندان جو به سمورو اٽالو سندس حوالي هو.

هو ڪيتري عرصي کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو. 16 جون2022 رات جو 3.30 وڳي سندس دل  دهڪو کاڌو آخري ڀيرو پنهنجي جيون ساٿياڻي قمرالنساءِ ۽ نياڻين فارحه ۽ حُمره کي ڏسي چيائين "مان وڃان ٿو… مان وڃان ٿو…  بس مان هاڻي ويس… ” ائين آخري  مُرڪ واري نهار ٻارن تي وڌائين ۽  پکي اک ڇنڀ ۾ اڏامي ويو… او موت شل مار پويئي،  ڪهڙا ڪهڙا هيرا ڳڙڪائي وئين…..

مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا جيئڻا اڳي جي جيئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.