وڌندڙ مهانگائي جا عوام تي اثر

تحرير: حاڪم نصيراڻي

انساني ترقي ۾ ڦيٿي جي ايجاد کان پوءِ  تيزي ايندي وئي. ڦيٿي  زندگي کي آسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو بار کڻڻ کان وٺي منزل تي تيزي سان پهچڻ ۾ ڦيٿو اهم رهيو آھي.  جتي ڦيٿي آسانيون پيدا ڪيون اتي ڦيٿي جي ڪري سستي ۽ ڪاهلي به وجود ۾ اچي ديرا ڄمايا آھن جنهن جي ڪري ڪجهھ سور به سوايا ٿي ويا. بهرحال زندگي جو چرخو لاهن چاڙھن هوندي به هلندو رهندو. عام طور تي  پاليسيون جوڙيندڙ ماڻھن جو تعلق ان طبقي سان ناهي هوندو جنهن طبقي لاءِ  پاليسي جوڙيندا آھن.

ڪتابن واري زندگي ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق آھي. ڪتابي ۽ حقيقي زندگي ۾ ھڪجهڙائي تڏھن ٿيندي جڏھن سوچ ۾ هڪجهڙائي هجي ۽ معاشري جو سڄو نظام بغير ڪنهن متڀيد ۽ انصاف تي ٻڌل هجي اسان جي بدقسمتي اها آھي جو طاقتور لاءِ  ڪمزور نظام ۽ ڪمزور لاءِ  وري طاقتور نظام جڙيل آھي. روزمره جي زندگي جو انساني روين سان گهرو لاڳاپو آھي. رويا حالتن مطابق تبديل ٿيندا رهن ٿا. اڪثر ڪري عام ماڻھو پنهنجي ضرورتن جي پورائي سان مطمئن زندگي گذاري ٿو جڏھن سندس ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين ته سندس رويي ۾ خودبخود تلخي پيدا ٿي وڃي ٿي.

اها به حقيقت آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ضرورتون پوريون نه ٿيڻ ڪري انسان مايوسي جو به شڪار ٿي وڃي ٿو. جمهوري ملڪن ۾ رعيت کي اهو اختيار هوندو آھي جو هو پنهنجي لاءِ بهتر حڪمران چونڊن.

اسان وٽ عام طور تي سٺي ۽ خراب حڪمرانيءَ جو تصور عام واهپي جي قيمتن سان ڳنڍيل هوندو آھي . عام واهپي جي شين جي قيمتن جو تعلق وري تيل جي قيمتن سان آھي. تيل جي قيمتن جي وڌڻ سان روزمره جي زندگي تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي. جيئن ئي تيل جون قيمتون وڌن ٿيون تيئن عام ماڻھو جو بجيٽ متاثر ٿئي ٿو. گاڏين جي ڪراين ۾ واڌارو ٿي ويندو آھي ان ڪري کائڻ پيئڻ جون شيون مارڪيٽ تائين پهچڻ کان اڳ مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. مهانگائي ڪري مزدور طبقو گهڻو متاثر ٿئي ٿو ان ڪري حڪومت جي ڪارڪردگي جو اندازو به عام ماڻھن جي تاثرات مان لڳايو ويندو آھي. خلق جي زبان ڇا چئي ٿي اها ئي سٺي ۽ خراب حڪمراني سمجهي وڃي ٿي.

اسان وٽ سياسي پارٽيون تيل جي اگهن تي سياست ڪنديون آھن. جڏھن ڪا به سرڪار تيل جي قيمتن ۾ واڌارو ڪندي آھي ته مخالف ڌر جون سڀ پارٽيون حڪومت جي ان فيصلي تي خوب ڇوھ ڇنڊي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن ته حڪومت جو فيصلو عوام دشمن آھي. جڏھن وري اهي ساڳيون پارٽيون حڪومت جون واڳون سنڀارينديون آھن ته سندن سوچ تبديل ٿي ويندي آھي. اهو لڪاءُ اسان سڀني ويجهي ماضي ۾ ڏٺو جڏھن عمران خان جي سرڪار تيل جا اگهھ وڌائي پئي ته پ پ پ نواز ليگ توڙي مولانا فضل الرحمان پنهنجا تنقيد جا تير وسائيندا هئا. عمران خان ته سڀ کان ٻه قدم اڳتي نڪري تيل جي وڌندڙ اگهن کي وزيراعظم جي چوري ڪوٺيندو رهيو. هاڻوڪي سرڪار ۾ موجود پارٽيون ته  مهانگائي خلاف لانگ مارچ به ڪري چڪيون آھن. جڏھن کين حڪومت جون واڳون مليون ته ٿوري عرصي ۾ 85 روپيا تيل جي اگهن ۾ واڌارو ڪري پنهنجي ڪيل واعدن تان ڦري ويون. حڪومت پنهنجي تيل جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي جي دفاع لاءِ  جيڪي به دليل ڏئي اهي عوام جي سمجھه کان ٻاهر آھن، ڇو ته حڪومت جي ان فيصلي سان عام ماڻھو جي زندگي متاثر ٿي آھي. عام ماڻھو اهي دليل ته اڳين سرڪار جا به ٻڌا پئي.

غريب ملڪن جو سڀ کان وڏو  الميو اهو رهيو آھي جو اهي معيشت لاءِ  ھميشه عالمي مالياتي ادارن توڙي امير ملڪن  ڏانهن واجهائيندا آھن. پاڪستان جو شمار به انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي آزادي کان وٺي هيل تائين قرضن جي وزن هيٺ دٻيل رهيون آھي. پاڪستان کي قرض ڏيندڙ ملڪن ۾ يورپ امريڪا، چين، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ قطر جا نالا قابل ذڪر آھن. اها به حقيقت آھي ته جڏھن اهي ملڪ پاڪستان کي قرض ڏيندا آھن ته بدلي ۾ اهي به اسان کان ڪجهھ حاصل به ڪندا آھن. جيئن ته پاڪستان جاگرافيائي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿوان کان سواءِ ايٽمي قوت رکندڙ ملڪ به آھي.  اهي ملڪ چاهيندا آھن ته  سڄي خطي تي اسان جو اثر رهي اهو تڏھن ممڪن هوندو جڏھن اهي طاقتور ملڪ اسان کي لالچ يا قرض جي ڄار ۾ ڦاسائين.

دنيا جي ڪجهھ ملڪن کان سواءِ باقي ملڪ قرض تي ڀاڙيون ويٺا آھن. قرض کڻندڙ ملڪن جي رهڻي ڪهڻي اٿڻي ويهڻي تي نظر گهمائينداسين تي ٻين ڳالهين کان سواءِ ڪجهھ اهڙيون ڳالهيون آھن جن ۾ رنگ نسل ٻولي جي فرق هوندي به هڪجهڙائي نظر ايندي. جن ڳالهين ۾ هڪجهڙائي جو ذڪر ڪيو تن ۾ ادارن جي ڪمزوري قانون جي حڪمراني نه هجڻ مخصوص طبقي جي حاڪميت طاقتور کان ڪو به پڇڻ وارو نه هوندو آھي رشوت ۽ بدعنواني جي بازار جو گرم هوندي آهي.

جيڪڏھن اسين پنهنجي معاشري تي نظر گهمائينداسين ته اسان کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پوندي جو اسان قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به قرضن جي ڌٻڻ مان نٿا نڪري سگهون. اسان وٽ طاقتورطبقو هر اداري کي پنهنجي مقصد لاءِ  استعمال ڪندو رهيو آھي نتيجو اهو نڪتو جو قومي ادارا ڪمزور ٿيندا ويا جن مان قوم کي لاڀ ملڻ ته مشڪل ٿي ويو آھي پر مخصوص طبقو خوب مزا پيو ماڻي رهي آهي. قانون جي حڪمراني جو تصور ڄڻ ته هڪ خواب آھي ڇو ته هر حڪمران قانون کي پنهنجي ڀلائي لاءِ  استعمال ڪيو اسان وٽ طاقتور لاءِ  هڪڙو قانون ته ڪمزور لاءِ  ٻيو قانون آھي جنهن جا جيڪڏھن مثال ڏيڻ شروع ڪبا ته وڏو وقت لڳي ويندو. طاقتورن لاءِ  ڏينهن رات جي فرق کان سواء عدالتن جا در کليو وڃن باقي ڪمزور طبقا قانوني ڄار کان ورهين تائين نڪري ئي نه ٿا سگهن. مخصوص طبقي جي حڪمراني نسل در نسل هلندي پئي اچي.

رشوت نه وٺندڙ کي اسان وٽ عجيب نگاهن سان ڏٺو ٿو وڃي. رشوت ۽ بدعنواني جو اندازو ان ڳالهھ مان لڳائي سگهجي ٿو جو جڏھن دنيا ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ  پريشان آھي اتي مختلف کاتن جا معمولي ڪلارڪ اڻکٽ ملڪيتن جا مالڪ بڻيل آھن. جڏھن اهڙي صورتحال هجي ته غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو ويندو. هر حڪمران سخت فيصلن جو چئي هر دفعي عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي پنهنجي عياشين ۾ ڪا ڪمي ناهي ڪئي.

خوشحالي جو راز ٻن ڳالهين ۾ لڪل آھي وسيلا وڌائجن يا وري خرچ گهٽائجن پر افسوس اسان وسيلن کي ڪميشن جي چڪر ۾ تلاش نه پيا ڪيون ۽ خرچ گهٽائي سادگيءَ سان زندگي گذارڻ کي پنهنجي لاءِ  عيب سمجهون ٿا. هن وقت اسيمبلين ۾ ويٺل ماڻھو ڪنهن به ريت غريب يا سفيد پوش طبقي ۾ نه ٿا اچن. سندن شمار امير ترين طبقي ۾ ٿئي ٿو کين اها به سُڌ ناهي هوندي ته عام واهپي جي شين جون قيمتون ڪهڙيون آھن؟ حڪومت کي گهرجي ته لکين روپيا پگهار کڻندڙ ماڻھن تي نظر رکي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو اهو ڪجهھ مهينن لاءِ  بند ڪري. ادارن تي ڪڙي نظر رکي. ڏسو ته پوءِ  ڪئين نه ملڪ ترقي ڪري ٿو. باقي عام ماڻھو تي ايڏو بار نه وجهجي جو اهي نفسياتي مريض ٿي وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.