ايف اي ٽي ايف گري لسٽ وارو معاملو: پاڪستان کي مليل اهم ڪاميابي

هن ڀيري پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر،                  جيڪا پاڪستان جي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي سربراهه آهي تنهن جرمني جي شهر برلن ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي آهي. هن ايف اي ٽي ايف جي موجوده ۽ اڳوڻن نمائندن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن.هن ڀيري برلن FATF جي پلينري سيشن جي ميزباني ڪئي آهي، جيڪو 13 جون کان 17 جون تائين هليو.

هن پلينري اجلاس ۾  پاڪستان جي 2018 ۽ 2021 جي ڪارڪردگي تي بحث ڪيو ويو ۽ انهن اپائن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پلينري اجلاس ۾ انٽرنيشنل ڪوآپريشن ريويو گروپ (آءِ سي آر جي) جي سفارشن جو به جائزو ورتو ويو.

واضح رهي ته سال 2018ع ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ جو حصو بڻايو ويو هو، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪن جي انگ ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي هئي.

مارچ 2022 ۾ هڪ ورتل هڪ جائزي ۾، دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ اداري پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکندي، چيو ته پاڪستان ”سفارشن کي پورو ڪرڻ ۾ڪافي  اهم اڳڀرائي ڪئي آهي.”

پاڪستان هن وقت تائين ايف اي ٽي ايف جي 2018ع ۾ ڏنل 27 مان 26 سفارشون مڪمل ڪري چڪو آهي جڏهن ته 2021ع ۾ ايف اي ٽي ايف جي ماتحت برانچ ايشيا پيسفڪ گروپ (اي پي جي) پاران ڏنل 7  نڪتن مان 6  کي وقت کان اڳ مڪمل ڪري چڪو آهي.

باقي ٻن سفارشن ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف عدالتي ڪارروائي ۽ مني لانڊرنگ خلاف سخت قدم شامل ڪيا آهن.واضح رهي ته سال 2020ع ۾ مني لانڊرنگ خلاف پاڪستان، قانون ۾ ترميم به ڪئي هئي ته جيئن وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي پر وفاقي حڪومت جي ترجمان موجب 2021ع جي جائزي ۾ ايف ايي ٽي ايف  پاران ”دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪارروائي ۽ مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۾ اڳڀرائي جون وڌيڪ مثال پيش ڪرڻ جو چيو ويو هو. گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال حڪومتي ترجمان بهتري لاءِ پراُميد نظر اچي رهيا آهن.

پاڪستان جي موجوده وفاقي حڪومت سان سلهاڙيل هڪ ترجمان بي بي سي کي ٻڌايو ته هن وقت تائين ملندڙ اطلاعن موجب هن ڀيري معاملو پاڪستان جي حق ۾ ويندو، پر جيڪڏهن پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍيو ويو تڏهن به معاملي طئي ٿيڻ ۾  وقت لڳندو ۽ ان ۾ ستن کان اٺن مهينن جو وقت لڳي سگهي ٿو.

هن هڪ مثال ڏيندي چيو ته گري لسٽ مان نڪرڻ جي صورت ۾ ايف اي ٽي ايف ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندو ته جيئن پاڻ کي يقين ڏياري سگهي  ته انهن جي سفارشن تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.ترجمان جو چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف جي ٽيم کي باقي 2 سفارشن ۾ قانون اندر ترميمن سان گڏوگڏ  ان تي عملدرآمد بابت به خدشا آهن، جن جو اظهار  هو ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪا آهن.

ناڻي واري وزارت جي اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر خاقان نجيب بي بي سي کي ٻڌايو ته پاڪستان اڪثر سفارشن تي پورو لهي چڪو آهي پر پاڻ کي مڪمل طور تي گري لسٽ مان ڪڍرائڻ ۾ هيل تائين ڪامياب نه ٿيو آهي.”جيڪڏهن پاڪستان هن ڀيري گري لسٽ مان نڪري وڃي ٿو ته اها سٺي ڳالهه ٿيندي ته ايترن سالن جي مانيٽرنگ مان نيٺ ٻاهر نڪري آيو. واپارين ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ اها مثبت ڳالهه هوندي ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهندا.هن چيو ته واپار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا به پيدا ٿي سگهندا.

جڏهن ته، وفاقي حڪومت جي هڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته "جيتوڻيڪ معاملو پاڪستان جي حق ۾ نظر اچي رهيو آهي، پر اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته هن اجلاس ۾ ٻيا ملڪ به هوندا آهن جن جي رضامندي ۽ تسلي پڻ اهم آهي.”

ان جو هڪ سبب اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو اهو بيان آهي جنهن ۾ هن پاڪستان جي پاڙيسري ڀارت تي الزام لڳايو هو ته ڀارت ايف اي ٽي ايف فورم کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. اڳوڻي پرڏيهي وزير جو اهو به چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف ”هڪ ٽيڪنيڪل فورم آهي، جنهن کي سياسي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.

ياد رهي ته ايف اي ٽي ايف هندستاني ڄائي سنگاپوري ٽي راجا ڪمار کي اداري جي ايندڙ صدر  طور ٻن سالن لاءِ چونڊڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.هلندڙ سال مارچ ۾ ۽ ان کان اڳ 2021ع ۾  مني لانڊرنگ جو جائزو وٺندڙ ايشيا پيسفڪ گروپ  پاڪستان کي پنهنجي ٻئي فالو اپ رپورٽ ۾ وڌيڪ نگراني جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو، پر ان باوجود  ادارو وقت بوقت پاڪستان جي حوصلا افزائي ڪندو رهيو آهي.

اداري پاران پاڪستان کي پڪ ڪرائي چڪو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن خلاف قانون سازي ذريعي ئي پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍي سگهجي ٿو. 2021 جي رپورٽ موجب، اداري فيبروري 2021 جي ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان تي زور ڏنو هو ته هو ٽن اهم سفارشن تي عمل ڪري، جن ۾ دهشتگردن کي سزا ڏيڻ، انهن معاملن جي قانون مطابق هلائڻ ۽ مالي امداد تي پابنديون شامل آهن.

انهن سڀني سفارشن ۾ هڪ نقطو رهجي ويو هو ته جنهن ۾  ايف اي ٽي ايف دهشتگردن خلاف قانون سازي ۽ انهن کي حاصل ٿيندڙ مالي مدد جي جاچ ڪرڻ تي به زور ڏنو هو.ان سلسلي ۾ ادارو پاڪستان کان دهشتگردن جي مالي مدد تي پابندي واري قانوني ڪارروائي جا ثبوت گهرندو رهيو آهي.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.