ٽنڊو جان محمد ۾ شهرين جو مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو جان محمد ۾ شهرين مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ساجن سنڌي، شير محمد کوسو، راجيش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار تيل اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ وڌا ڪري غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي ڇڏيو آهي.

هنن چيو تيل اگهن ۾ واڌ سان عام واهپي واري شين جا اگهه به آسمان سان ڳالهايون ڪري رهيا آهن، ڏهاڙيدار طبقو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي.

شهرين وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته بنا دير مهانگائي تي ضابطو آڻي غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.