مٽياري: اهلسنت پاڪستان جو ڀارتي بي جي پي اڳواڻن جي گستاخانا بيانن خلاف ريلي

مٽياري ۾ جماعت اهلسنت پاڪستان پاران ڀارتي حڪمران پارٽي اڳواڻن جي گستاخانا بيانن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ڪارڪنن حافظ بشارت طاهري، عبدالجبار، غلام نبي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جامعا غوثيا طاهريا مدرسي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو مودي سرڪار جي ترجمان عورت ۽ بي جي پي مرد اڳواڻ پاران رحمت اللعالمين جي شان ۾ گستاخي ڪئي، جنهن جي سخت لفظن ۾مذمت ڪجي ٿي.

سندن چوڻ هو ته مودي سرڪار بي جي پي جي اڳواڻن جي بيانن سان پوري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي، عالمي برداري معاملي جو نوٽيس وٺي گستاخانا بيان ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.