ون ڊي جي تاريخ ۾ ڪنهن ڪنهن 400 کان وڌيڪ رنز ٺاهيون؟ پاڪستان جو ٽاپ اسڪور گهڻو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ون ڊي انٽرنيشنل جي تاريخ ۾ ڇهه ٽيمن 21 ڀيرا 400 يا ان کان وڌيڪ رنز ٺاهيون آهن.

ڏکڻ آفريڪا سڀ کان وڌيڪ ڇهه ڀيرا 400 جو انگ پورو ڪيو، ان کانسواءِ انگلينڊ ۽ ڀارت پنج-پنج ڀيرا آسٽريليا ۽ سريلنڪا ٻه-ٻه ڀيرا جڏهن ته نيوزيلينڊ هڪ ڀيرو چار سئو کان وڌيڪ رنز ٺاهيون.

2019 جي ورلڊ ڪپ جي سوڀاري ٽيم انگلينڊ 50 اوورز جي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهڻ واري ٽيم آهي.

انگلينڊ اڄ نيدرلينڊ خلاف مقرر 50 اوورز ۾ 498 رنز ٺاهي ڪري پنهنجي ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ان کان پهرين انگلش ٽيم آسٽريليا خلاف 481 رنز ٺاهيون هيون.

2016 ۾ انگلينڊ ئي پاڪستان خلاف 444 رنز ڍاهي ڪري سريلنڪا جو رڪارڊ ٽوڙيو هيو. سريلنڪا 2006 ۾ نيدر لينڊز خلاف ئي 443 رنز ٺاهي ڪري ورلڊ رڪارڊ ٺاهيو هو.

2015 ۾ ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز خلاف 439 رنز اسڪور ڪيو هو، 2006 ۾ پروٽيز تاريخي ميچ ۾ آسٽريليا پاران 439 جو ڏنل هدف ماڻي ڪري ورلڊ رڪارڊ ٺاهيو هو. ان ميچ ۾ آسٽريليا 438 رنز ٺاهيون هيون.

2006 ۾ ئي ڏکڻ آفريڪا زمبابوي خلاف 418 رنز جو وارو کيڏيو هو، ڀارت 2011 جڏهن ته انگلينڊ 2049 ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 418 رنز ٺاهيون هيون.

آسٽريليا 2015 ۾ افغانستان خلاف 417رنز ٺاهيون هيون، ڀارت 2009 ۾ سريلنڪا خلاف 414 ۽ 2007 ۾ برموڊا خلاف 413 رنز اسڪور ڪيو هو.

2009 ۾ سريلنڪا ڀارت خلاف 411 رنز ٺاهيون، ڏکڻ آفريڪا 2015 ۾ آئرلينڊ خلاف 411 جڏهن ته ويسٽ انڊيز خلاف 408 رنز ٺاهيون هيون.

انگلينڊ 2015 ۾ ئي نيوزيلينڊ خلاف 408 رنز ٺاهيون هيون، ڀارت 2014 ۾ سريلنڪا خلاف 404 رنز اسڪور ڪيو هو. نيوزيلينڊ 2008 ۾ آئرلينڊ خلاف 402 رنز ٺاهيون هيون.

ڀارت 2010 ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 401 رنز اسڪور ڪيو هو، پاڪستان جي ون ڊي ٽيم اڄ تائين چار سئو جو انگ ناهي ماڻيو، قومي ٽيم جو سڀ کان وڏو اسڪور 339 رنز جو آهي جيڪو هنن زمبابوي خلاف ٺاهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.