مٽياري ۾ موسيقي جي محفل ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ناليوارن فنڪارن سر وکيري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.
درگاهه سخي هاشم شاهه جي اڱڻ تي شهري نويد ميمڻ ۽ ٻين پاران جشن مٽياري جي عنوان سان موسيقي جي محفل ڪوٺائي وئي.
موسيقي محفل ۾ جي ڊي اي اڳواڻ حسن مرتضي، پ پ اڳواڻ پير علي ارتضيٰ سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ صحافي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
محفل ۾ ناليواري راڳي ضامن علي، زيبا غزل، نويد ميمڻ ۽ دادا سنڌي سميت ٻين فنڪارن سر وکيري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.