حيدرآباد: ڊويزن جي 9 ئي ضلعن ۾ 12ڪلاس جي پاڪستان اسٽڊي جو پرچو ورتو ويو

حيدرآباد تعليمي بورڊ پاران ڊويزن جي 9 ئي ضلعن ۾ ٻارهين ڪلاس جي پاڪستان اسٽڊي جو پرچو ورتو ويو.

پيپر دوران ويجلنس ٽيمن اسسٽنٽ ڪنٽرول اعجاز ڪاڪا، جاويد شورو، مهناز درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سينٽرن جا دورا ڪيا.

ويجلنس ٽيمن پرچي دوران 50کان وڌيڪ شاگردن کان موبائل فونون ۽ گائيڊون هٿ ڪري ڪاپي ڪيس ڪيا.

پرچي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شاگردن کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.