سلمان خان ڪهڙي فلم لاءِ 10 ٽاپ اداڪارائون ڪاسٽ پيو ڪري ؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان نئين فلم ۾ ٽرپل رول ڪندو ۽ ان فلم ۾ هڪ ٻه نه پر 10 اداڪارائن کي ڪاسٽ ڪيو ويندو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڳالهه جڏهن سلمان جي ڪئي وڃي ته هن جي هر فلم ۾ مداحن کي ڪجهه انوکو ڏسڻ جي اميد هوندي آهي.

اطلاع آهن ته بالي ووڊ جي ڀائي جان 2005 جي مشهور فلم ”نو انٽري“ جي سيڪوئل”نو انٽري ۾ انٽري“ ۾ ٽرپل رول نڀائيندو.

ان کانسواءِ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن فلم ۾ 10 اداڪارائون به ڪاسٽ ڪيون وينديون.

رپورٽن موجب 10 اداڪارائن کي ڪاسٽ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته فلم نو انٽري ۾ سلمان خان سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ فردين خان ۽ انيل ڪپور به هن سيڪوئل ۾ ٽرپل رول ڪندي نظر ايندا.

2012 ۾ نو انٽري جي سيڪوئل جي تصديق ٿي وئي هئي پر هاڻي پروڊيوسرز پاران فلم جي ڪاسٽ ۽ شوٽ بابت اڳڀرائي سامهون آئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب خيال ڪيو پيو وڃي ته 2005 ۾ رليز ٿيندڙ نو انٽري جي مرڪزي اداڪارائن بپاشا باسو، لارادتا، ايشا ديول ۽ سيلينا جيٽلي هن سيڪوئل ۾ مداحن کي اداڪاري ڪندي نظر اينديون.

خاص ڳالهه ٻولهه دوران فلم جي هدايتڪار انيس بزمي انڪشاف ڪيو ته نو انٽري جي سيڪوئل جي شوٽنگ جلدي شروع ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.