اڻ وڻندڙ منظرن تي ٻڌل اشتهار تي ڪراچي واسي ڏمرجي پيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مشهور ريسٽورينٽ سوئنگ طرفان پنهنجي مشهوري مهم ۾ بالي ووڊ فلم گنگو بائي ڪاٺياواڙي جي هڪ اڻ وڻندڙ منظر کي استعمال ڪرڻ تي ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريسٽورينٽ جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو آهي.

ريسٽورينٽ مشهوري لاءِ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ گنگوبائي ڪاٺياواڙي فلم جي اڻ وڻندڙ منطر کي شامل ڪيو ويو هو.

ڄاڻايل وڊيو ۾ عاليا ڀٽ طرفان جسم فروشي لاءِ گراهڪن کي گهرائڻ واري منظر کي ايڊٽ ڪري شامل ڪيو ويو ۽ ماڻهن کي ريسٽورينٽ اچي کاڌو کائڻ جا اشارا ڏنا ويا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Swing 🌸 (@swing.khi)

وڊيو کي شيئر ڪرڻ کانپوءِ هوٽل انتظاميا کي تنقيد جو نسانو بڻايو ويو ۽ کين ياد ڏياريو ويو ته جنهن سين جي مشهوري ڪئي وئي آهي ان ۾ هڪ عورت جي توهين ڪيل آهي.

ماڻهن لکيو ته هي سين هڪ جسم فروس عورت جو آهي جيڪا انتهائي مجبوري واري حالت ۾ جنسي انداز ۾ گراهڪن کي پاڻ ڏانهن گهرائي ٿي ۽ اها وڊيو اشتهار لاءِ استعمال ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.