پرويز مشرف جي جلد ڏيهه واپسي جو امڪان

دبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ايئر ايمبولينس ذريعي جلد پاڪستان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پرويز مشرف جي گهرڀاتين ڏيهه واپسي جي حامي ڀري ورتي آهي جنهن کانپوءِ کيس ايئر ايمبولينس ذريعي جلد پاڪستان منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف بيمار آهي ۽ دبئي ۾ علاج هيٺ آهي، سندس چئن سالن کان دبئي جي مقامي اسپتال ۾  علاج هلي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.