روس کان پٽاٽن عيوض ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فروٽ اينڊ ويجيٽيبل ايسڪپورٽرز ۽ امپورٽرز مرجنٽس ايسوسيئيشن (پي ايف وي اي) حڪومت کي روس کان پٽاٽن عيوض ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.

پي ايف وي اي جي اڳواڻ وحيد احمد موجب هن سال پاڪستان ۾ پٽاٽن جو بمپر فصل ٿيو آهي ۽ 7.5 ملين ٽن پٽاٽن جي پيدوار مان 4 ملين ٽن جي مقامي طلب پوري ڪري 3.5 ملين ٽن سرپلس پٽاٽا روس درآمد ڪري عيوض ۾ ڪڻڪ گھرائي سگھجي ٿي.

واپار واري وفاقي وزارت پي ايف وي اي جي تجويز تي غور لاءِ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي جائزو وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

روس کي پٽاٽا اماڻي ڪڻڪ گھرائڻ سان مٽاسٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي، پٽاٽن جي سرپلس پيدوار کي روس برآمد ڪرڻ سان آبادگارن کي فائدو ٿيندو، روس کي پاڪستان کان پٽاٽا برآمد جي حوالي سان ٽي سي پي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.