لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي گهرو وزير پريتي پٽيل وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
برطانوي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب جولين اسانج وٽ فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن جو وقت آهي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن ڪيس ۾ برطانوي عدالتن جولين اسانج کي آمريڪا حوالي ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪا ناانصافي دريافت نه ڪئي هئي ۽ نه ئي اهو ثابت ٿيو هو ته ائين ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
برطانوي گهرو وزير جي منظوري تي وڪي ليڪس هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته هن فيصلي خلاف اپيل ڪئي ويندي.