سٺي صحت لاءِ ڪريلا ضرور کائو !

ڪريلن جي ڀاڄي عام طو تي نوجوانن کي گهٽ وٺندي آهي پر اڪثر وڏي عمر وارا ماڻهو هن ڀاڄي کي شوق سان کائيندا آهن.

جيتوڻيڪ ڪريلن جي ڪوڙٽ پچائڻ کانپوءِ به رهندي آهي پر ان باوجود ڪريلن جي ڀاڄي کي پسند ڪيو ويندو آهي جڏهن ته هن ڀاڄي جا انيڪ فائدا پڻ آهن.

صحت ۽ غذائيت جي ماهرن موجب ڪريلن ۾ آئرن، ميگنيشيئم، پوٽاشيئم، وٽامن سي، ڪيلشيئم، فائبر، فاسفورس، زنڪ ۽ ٻيون شيون جهجهي مقدار ۾ هونديون آهن جن جا ڪيترائي فائدا آهن.

فائبر، سيلولوز ۽ زنڪ جهڙين شين جي ڪري ڪريلو هاضمي واري نضام لاءِ اينٽي بائيوٽڪ جي دوا جيان ڪم ڪري ٿو.

ڪريلو قبض مان ڇوٽڪاري سميت هاضمي وارو نظام بهتر ڪرڻ ۽ پيٽ جا جيت مارڻ ۾ به مددگار آهي.

غذائي ماهرن موجب ڪريلن ۾ گلائيڪوسائيڊ، چارنٽين، وائيسين، ڪيراويلوسائيدز ۽ پولي پيپٽائيڊ پي جو جهجهو مقدار هجڻ سبب هي بلڊ شگر کي نارمل سطح تي رکڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو جڏهن ته ڪريلا مسلز جي سيلز کي به نارمل رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

ماهرن موجب ڪريلن جو هڪ اهم ڪم جگر جي صفائي ڪرڻ به آهي، هن ۾ شامل شيون جگر جي صفائي ڪن ٿيون ۽ جسماني چرٻي ڳارڻ ۾ به ڪارائتو آهي.

ڪريلي جو جوس پيئڻ سان جسماني اسٽيمنا وڌي ٿي جڏهن ته توانائي کي به وڌائي ٿو، هن جو استعمال ننڊ جو معيار بهتر بڻائي ٿو.

جيت مار ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور هجڻ جي ڪري ڪريلي جو جوس رت جي صفائي ۾ به مددگار ثابت ٿئي ٿو ۽ جسم مان زهريلي مواد کي ڪڍي رت جي گردش کي بهتر بڻائي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.