بينظير ڀٽو قتل ڪيس: اڳوڻي پوليس آفيسر رائو انوار جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

سنڌ پوليس جي اڳوڻي سينيئر پوليس آفيسر رائوانوار طرفان بينظير ڀٽو قتل ڪيس بابت اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن.

رائو انوار هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هن بينظير ڀٽو جي قتل تي جي آءِ ٽي رپورٽ تي صحيح انڪري ڪئي هئي جو مٿس تڏهوڪي گهرو وزير رحمان ملڪ جو دٻاءُ هو ته قتل ۾ جنرل مشرف کي ملوث ڪيو وڃي.

رائو انوار ٻڌايو ته مون صحيح کان انڪار انڪري ڪيو هو ته مان پرويز مشرف جو موقف ڄاڻڻ کانسواءِ انهن دستاويزن تي صحيح نه پيو ڪري سگهان ۽ مون اها ڳالهه رحمان ملڪ کي ٻڌائي ڇڏي هئي.

رائو انوار چيو ته بينظير ڀٽو جي جي آءِ ٽي ۾ منهنجو ۽ بن يامين نالي پوليس آفيسر جو نالو 2010 ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ مونکي خبر ناهي ته منهنجو نالو ايتري دير کانپوءِ ڇو شامل ڪيو ويو پر مونکي ان ڏکوئيندڙ واقعي بابت ڪيئي خدشا هئا، بينظير ڀٽو جا 2 بليڪ بيري فونز ٽن ورهين تائين رحمان ملڪ وٽ هئا، جيڪي جي آءِ ٽي جي حوالي نه ڪيا ويا.

اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار صحافي کي ٻڌايو ته هاڻ جيئن ته مشرف جي صحت جي خرابي جي حوالي سان خبرون اچي رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته هو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي تنهنڪري مان اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته مونکي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو بينظير قتل ڪيس ۾ ڪردار نظر ناهي آيو ۽ ان حوالي سان جڏهن ثبوت گهريا ويا ته اهي به نه ملي سگهيا، انڪري جڏهن جي آءِ ٽي تي صحيح ڪرڻ جو چيو ويو ته مون انڪار ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي پوليس آفيسر انڪشاف ڪيو ته بينظير قتل ڪيس جي جاچ صحيح نموني نه ڪئي وئي، واقعي جو آپريشنل ڪمانڊر اڪرام محسود هو جڏهن ته بيت الله محسود واقعي جو ماسٽر مائينڊ هو، 18 آڪٽوبر واري واقعي ۾ طيب محسود جي اڳواڻي هيٺ گروپ به شامل هو ان کانپوءِ اهڙيون شاهديون پڻ مليون ته هو سهراب ڳوٺ ۾ روپوش رهيو.

هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي واقعن جي جاچ صحيح نموني نه ڪئي وئي، جيڪڏهن بهتر نموني جاچ ڪئي وڃي ها ۽ اڪرام محسود کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته ڪيس سولائي سان حل ٿي وڃي ها، جاچ صحيح نموني اڳتي نه وڌائي وئي ۽ جيئن ته ڪيئي شيون لڪايون پئي ويون تنهنڪري مون جي آءِ ٽي تي سائن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ چونڊ جلسي کانپوءِ روانگي وقت ٿيل آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي هئي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.