پاڪستان شرط پورا ڪري ورتا آهن، وفد جلد دورو ڪندو : ايف اي ٽي ايف

برلن ( ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( فيٽف ) جو چوڻ آهي ته پاڪستان سمورا شرط پورا ڪري ورتا آهن.

فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( فيٽف ) گري لسٽ بابت ملڪن جي اسٽيٽس جو اعلان اڄ ٿيڻو هو پر پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي حوالي سان اعلان نه ٿي سگهيو آهي.

جرمني جي راڄڌاني برلن ۾ ايف ايف ٽي ايف اجلاس جو اڄ آخري ڏينهن هو. فيٽف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان 34 آئٽمز تي ٻڌل 2 ايڪشن پلان مڪمل ڪري ورتا آهن، پاڪستان جو دورو ڪري شرطن جي پورائي جي تصديق ڪئي ويندي.

فيٽف جو چوڻ آهي ته پاڪستان مني لانڊرنگ، دهشتگردي جي فنڊنگ روڪڻ لاءِ سڌارا مڪمل ڪيا آهن.

ياد رهي ته 28 جنوري 2008ع تي پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي ايشيا پيسيفڪ گروپ سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.

جون 2010 ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي پاڪستان کي فيٽف جي نگراني واري لسٽ مان ڪڍيو ويو هو پر 16 جنوري 2012ع ۾ پاڪستان کي ٻيهر گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.