فيٽف جي اعلان کان پهريان اڳڪٿيون نه ڪيون وڃن: حنا رباني کر

مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( فيٽف ) جي باظابطا اعلان کان پهريان اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان لاءِ به فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ايترو ئي اهم آهي ته جيترو ٻين ملڪن لاءِ، اسان جو طريقيڪار مختلف رهيو ، اسان کي ٻن ورڪنگ پلان تي هڪ ئي وقت ڪم ڪرڻو پيو .

حنا رباني کر وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته اسان جلد گري لسٽ مان نڪري وينداسين ته جيئن اسان جي معيشت بهتر ٿئي، اسان پنهنجو ڪيس وضاحت سان پيش ڪري ڇڏيو آهي، فيٽف جي اعلان کان پهريان اڳڪٿيون نه ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.