پيزا شاپ ۾ زيادتي کان بچڻ لاءِ تيزاب پيئندڙ ناري جو موقف سامهون اچي ويو

رحيم يار خان ( ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي پيزا شاپ ۾ مبينا زيادتي کان بچڻ لاءِ تيزاب پيئندڙ ناري جو موقف سامهون اچي ويو.

پوليس متاثر ناري جي فرياد ۾ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ايف آءِ ار موجب ڇوڪري موقف اختيار ڪندي ٻڌايو ته جي ايم کيس بيسمنٽ ۾ سڏايو جتي  سندس ساٿي مرد ۽ عورتون موجود هيون.

ناري ٻڌايو ته هو ڊپ سبب اتان ڀڳي ۽ پاڻ کي واشروم ۾ بند ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ آر موجب ڇوڪري ٻڌايو ته مبينا زيادتي کان بچڻ لاءِ هن واش ۾ رکيل تيزاب پي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ناري جي بيان کانپوءِ جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.