اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) حڪومت نئين فنانس بل ۾ نان فائلرز جي جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نئين فنانس بل موجب ٽيڪس گوشوارا فائل نه ڪندڙ هاڻي بنيادي سهولتن کان به محروم ٿي ويندا جنهن ۾سندن گئس جا ڪنيڪشن ۽ موبائيل فون سم بند ڪيون وينديون .
نئين فنانس بل تحت ايف بي آر کي گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ جي بنيادي سهولتن کي ختم ڪرڻ جا اختيار پڻ ملي ويا آهن.
ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي پڻ ايف بي آر کي گوشوارا جمع ڪرائيندڙ جي بنيادي سهولتون ختم ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جي حمايت ڪئي آهي.