ايف اي ٽي ايف اجلاس : پاڪستان جو گري لسٽ مان نڪرڻ جو امڪان

فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف ) گري لسٽ بابت ملڪن جي اسٽيٽس جو اعلان اڄ ڪندو جنهن پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پراميد آهي.

جرمني جي راڄڌاني برلن ۾ جاري ايف اي ٽي ايف اجلاس جو اڄ آخري ڏينهن آهي جنهن ۾ اجلاس جي پڄاڻي تي اڄ لسٽ بابت اسٽيٽس جو اعلان ويو ويندو .

وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل هڪ ترجمان پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هنيئر تائين ملندڙ اطلاع ٻڌائي رهيا آهن هن دفعي معاملو پاڪستان جي حق ۾ ويندو.

هن چيو ته پاڪستان کي جيڪڏهن گري لسٽ مان ڪڍيو وڃي ٿو ته تڏهن به معاملا طئي ٿيڻ ۾ وقت گهربل هوندو ۽ ان ۾ 7 کان 8 مهينن جو وقت لڳي سگهي ٿو.

ترجمان ٻڌايو ته گري لسٽ مان نڪرڻ جي صورت ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي ته جئين پاڻ تسلي ڪري سگهي ته سندن سفارشن تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.

ٻئي پاسي پرڏيهي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هن ڀيري سفارتي سطح تي ميمبر ملڪن جي اڳيان غيررسمي طور تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي، پاڪستان پراميد آهي ته گري لسٽ مان نالو ڪڍيو ويندو.

ذريعن موجب ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي ٻن مرحلن ۾ 34 نڪتن تي عمل ڪرڻ جو چيو آهي ۽ گذريل اجلاس ۾ پاڪستان 34 مان 32 شرطن تي پهريان ئي عمل ڪري ڇڏيو هو، هن دفعي پاڪستان سمورن 34 نڪتن تي عمل ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.