اين اي 240 ننڍي چونڊ، هنگامن دوران مونکي به گولي لڳي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 ڪورنگي 2 جي ننڍي چونڊ ۾ هنگامن دوران پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال کي به گولي لڳي آهي.

گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ايس پي سربراهه پنهنجي زخمي هئڻ جو اشارو ڏنو هو، مصطفيٰ ڪمال چيو ته فائرنگ دوران گولي منهنجي ٽنگ ۾ گوڏي کان مٿان لڳي، گولي ڪٿي ٽڪرائڻ کانپوءِ منهنجي ٽنگ ۾ لڳي.

هن ٻڌايو ته ٽنگ ۾ لڳڻ کانپوءِ اڌ ٻاهر ئي هئي جيڪا پاڻ هٿ سان ٻاهر ڪڍي ورتي هئي ۽ گولي لڳڻ بعد ترت طبي امداد ڏني وئي ۽ ڊاڪٽر زخم تي پٽي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.