عمران خان ۽ سندس ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي جو فيٽف گري لسٽ مان نڪري رهيا آهيون : شهباز گِل

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي حالتن خراب آهن پر خوشخبريون اچڻ شروع ٿي ويون آهن.

هن چيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( فيٽف ) مان نڪرڻ لاءِ پاڪستانين کي ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پيا هئا، عمران خان ٽيم تيار ڪري حماد اظهر کي قيادت ڏني، ساڍن ٽن ورهين جي محنت کانپوءِ فيٽف مان نڪري رهيا آهيون، ارسطو احسن اقبال ان جو ڪريڊٽ نه کڻندو.

شهباز گِل چيو ته فيٽف بابت سٺي خبر اچي رهي آهي، سٺي خبر جو ڪريڊٽ عمران خان ۽ پاڪستان جي عوام ڏانهن وڃي ٿو، پاڪستان کي معاشي طور ٻوڙيو پيو وڃي، عمران خان تي 5 ارب رُپيا رشوت وٺڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي.

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس گري لسٽ بابت ملڪن جي اسٽيٽس جو اعلان اڄ ڪندي جنهن ۾ پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پراميد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.