سرگوڌا ۾ هٿياربندن ٻن وڪيلن کي اغوا ڪري ورتو

سرگوڌا ( ويب ڊيسڪ ) سرگوڌا جي ڀرپاسي ۾ 8 هٿياربندن ٻن وڪيلن کي اغوا ڪري ورتو.

پوليس موجب اڻڄاتل هٿياربندن ايڊووڪيٽ احسان الله نٽهر ۽ مظهر عاسي نالي ٻن وڪيلن کي اغوا ڪيو جنهن جو ڪيس لڪسيان ٿاڻي ۾ مغوي وڪيلن جي سئوٽ ايڊووڪيٽ شهباز نٽهر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.

دسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي رڪن ايڊووڪيٽ محمد شهباز ڪيس داخل ڪرائيندي ٻڌايو ته 14 جون تي سندس ٻن سئوٽن کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ آر موجب هٿياربند ٻنهي وڪيلن کي اغوا ڪري موٽروي لاهور سائيڊ ڏانهن کڻي ويا، ايف آءِ آر ۾ کين قتل ڪرڻو جو ظاهر ڪيو ويو آهي.

آر پي او  واقعي جو نوٽيس وٺندي وڪلين جي فوري بازيابي جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.