ڪراچيءَ ۾ ليڊي پوليس اهلڪار تي تيزاب حملو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گلزار هجري ۾ اڻڄاتل جوابدارن ليڊي پوليس ڪانسٽيبل ۽ سندس ڀاءَ تي تيزاب هاري ڇڏيو.

پوليس موجب واقعو گلزار هجري اسڪيم 33 سهراب ڳوٺ ويجهو پيش آيو جتي سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي جاچ واري شعبي ۾ مقرر ليڊي پوليس ڪانسٽيبل 22 ورهين جي گل زارا عرف ساره عثمان کي سندس وڏو ڀاءُ رضوان عثمان ڊيوٽي تي ڇڏڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي اچي رهيو ته رستي ۾ اڻڄاتل جوابدارن مٿن تيزاب سان حملو ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته تيزا حملي جي نتيجي ۾ چهري ۽ جسم جا ٻيا حصا متاثر ٿيا آهن جڏهن ته ٻنهي زخمين کي سول اسپتال جي برنس وارڊ نيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.