اسلام آباد ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۽ پشاور سميت قبائلي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

اسلام آباد ۽ پشاور سان گڏگڏ سوات، مالاڪنڊ، لوئر دير، مردان، نوشهره ۽ هنگو سوڌو ڀرپاسي جي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ تي ماڻهو خوف وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 رڪارڊ ڪئي وئي ، جڏهن ته ان جو مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جو سرحدي علائقو هو ۽ ز اونهائي 218 ڪلوميٽر هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.