روس کان سستو تيل خريدڻ تي احسن اقبال کي عالمي پابندين جو ڊپ!

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان کي منفي سياست سان  ادارن کي نشانو بڻائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، عمران خان آءِ ايم ايف کي لکي ڏنو ته اسان سموريون سبسڊيون ختم ڪنداسين، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن سوشل ميڊيا تي فوج خلاف مهم هلائي رهيا آهن، پاڪستان کي 4 هزار ارب قرض جي واپسي ڪرڻي آهي، حڪومت ان پوزيشن ۾ ناهي ته سبسڊي ڏئي سگهي، اسان کي پنهنجي سياست نه پاڪستان کي بچائڻو آهي، هن چيو ته معيشت جي بحالي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته روس کان تيل خريد ڪيو ته پاڪستان تي عالمي پابنديون لڳي سگهن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.