ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسي ايشن ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي بار پاران مهانگائي خلاف احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪراچي بار اڄ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف جنرل باڊي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. ڪراچي بار جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته جنرل باڊي جي اجلاس کانپوءِ ايم اي جناح روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو،اڳواڻن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو ته وڌندڙ مهانگائي عوام کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي