پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف آچر تي احتجاج، ملڪ نه ٿا سنڀالي سگهو ته سازش ڇو ڪئي

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عمران خان چيو ته قوم آچر جي رات 9 وڳي سڄي ملڪ ۾ احتجاج لاءِ نڪري، ان تماشي جي خاتمي لاءِ سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پوندو نه ته وڌيڪ مهانگائي ٿيندي. هن چيو ته مان آچر جي رات ڏهين وڳي قوم سان خطاب به ڪندس، تيل جا اگهه اڃا وڌندا، جنهن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، حڪمت عملي ڏيڻ چاهيان ٿو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا اسان کي چپ ويهڻ گهرجي يا آواز اٿارڻ گهرجي؟ سندس موجب سڀني کي چئي رهيو آهيان ته ڏسندا رهو، تيل جا اگهه اڃا وڌندا، اسان جي خلاف جيڪا به سازش ٿي بي اعتمادي سان ٿي، ن ليگ، پ پ ۽ فضل الرحمان سڀ هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيا  هئا، سڀني هڪ ئي ڳالهه ڪئي مهانگائي، ميڊيا به انهن جي پٺ ڀرائي ڪئي، اسان جا ماڻهو لوٽا بڻجي ويا ۽ اتحادي به ڇڏي ويا. عمران خان جو چوڻ هو ته سڀني چيو مهانگائي ٿي وئي آهي، اسان تڪن ۾ نٿا وڃي سگهون، اڄ قوم سامهون حقيقتون رکڻ چاهيان ٿو، سچ نه لڪندو، سچ سامهون ايندو. ٻئي طرف وڪيلن کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي ته پاڪستان پهريون ملڪ ناهي، جتي آمريڪا وزيراعظم ۽ حڪومت کي تبديل ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل تسليم ڪيو ته مداخلت ٿي آهي، پاڪستاني سفير کي چيو ويو ته عمران خان روس ڇو ويو، آمريڪا ڪاوڙيو آهي، عمران خان کي نه هٽايو ويو ته پاڪستان ڏکيائين کي منهن ڏيندو، جيڪڏهن هٽايو ويو ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو.هن چيو ته آمريڪين کي ڄاڻان ٿو، انهن جي سامهون جيترو جهڪندئو اهي جوتا هڻندا، پاڪستان پهريون ملڪ ناهي، جتي آمريڪا وزيراعظم ۽ حڪومت کي تبديل ڪيو، قوم اسٽينڊ نه ورتو ته ڪو وزيراعظم آزاد پرڏيهي پاليسي نه ٺاهي سگهندو وزيراعظم مشرف جيان هڪ ڌمڪي تي ملڪي مفاد قربان ڪري ڇڏيندا. سندس چوڻ هو ته هن مهانگائي ۾ پگهادار طبقو ڪيئن گذارو ڪندو، پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان 30 سيڪڙو مهانگائي وڌندي، غريب پيڙهجي ويندو، اسان جي حڪومت جا پهريان ٻه سال تمام ڏکيا هئا، دوست ملڪ مدد نه ڪن ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. هن چيو ته مداخلت جا ثبوت آهن ته پوءِ ڇا اُنهن جي جاچ نه ٿيڻ گهرجي؟ قومي سلامتي ڪميٽي به مڃيو ته سازش ٿي آهي. سازش جي خبر پوڻ تي نيوٽرلز کي سمجهايو ته ملڪي معيشت غير مستحڪم ٿي ته پوءِ ڪير سنڀالي نه سگهندو. شوڪت ترين کي چيو ته وڃي سمجهايو هتي نيوٽرل رهڻ جو ٽائيم ناهي، قانون جي حڪمراني يقيني بڻائڻ جي ذميوار عدليه ۽ وڪيلن مٿان آهي، توهان جي اڳيان رول آف لا جي چيلهه ڀَڳِي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.