لاهور( م ڊ) پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. جڊيشل ايڪٽوزم پينل پاران درخواست ۾ حڪومت ۽ اوگرا کي ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کان سواءِ پيٽرول اگهه وڌايا ويا. حڪومتي قدم غير قانوني آهي، پيٽرول اگهن ۾ واڌ رد ڪئي وڃي. 03