قومي اسيمبلي ۾ مهانگائي خلاف احتجاج، ” عمران خان زنده باد“ جا نعرا

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جو ايوان هڪ ڀيرو ان وقت عمران خان زنده باد جي نعرن سان گونجي اٿيو جڏهن ايم اين اي مير خان  محمد جمالي چيو ته مون استعيفيٰ نه ڏني هئي، اڄ به پي ٽي آءِ جو ڪارڪن آهيان ۽ عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد آهي، هن چيو ته ٽن هفتن ۾ پيٽرول في ليٽر 84 رپيا مهانگو ٿيو آهي، ناڻي وارو وزير ته نه چونڊيل آهي نه ئي ڪنهن کي جوابده آهي، هن چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران انهن جو رت چوسي رهي آهي، اهي سڀ جماعتون ڇا پاڪستان کي تباهه ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن؟ هن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عمران خان زنده باد جو نعرو هنيو، بعد ۾ مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو ته گذريل حڪومت جي ڪارڪردگي جا نتيجا اسان ڀوڳي رهيا آهيون، اسان کي ملڪ خاطر آءِ ايم ايف پروگرام هر حال ۾ ڪرڻو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.