اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان بدترين معاهدو ڪيو، عوام جو احساس آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو  آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ضافي سان عوام جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پر ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندس، خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي ٿيڻ واري اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن جون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي حوالي سان قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، وزيراعظم حيرانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو ۽ انتهائي غلط معاشرتي فيصلا ڪيا ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.