آءِ ايم ايف ڪڏهن به جاگيردارن تي ٽيڪس جي ڳالهه نٿي ڪري: معاشي ماهر

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي سان تعلق رکندڙ نيولبرل معيشت جي ناقد ڊاڪٽر عذرا طلعت سعيد چيو آهي ته تيل تي سبسڊي جي خاتمي  سان پيداواري لاڳت آسمان کي ڇهندي، جنهن جو نتيجو صنعتن ۽ زراعت تي تباهي جي صورت ۾ نڪرندو، ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف ڪڏهن به جاگيردارن تي ٽيڪس لڳائڻ جي ڳالهه نٿي ڪري، 5 سيڪڙو جاگيردار خاندان 54 سيڪڙو زمينن تي قابض آهن، پر انهن تي ٽيڪس نٿو لڳي ڇو ته اسان جي اشرافيه آءِ ايم ايف لاءِ ڪميشن ايجنٽس طور ڪم ڪري ٿي، هن چيو ته آءِ ايم ايف ڪجهه شين جي درآمد تي پابندي سان خوش ناهي پر لگزري شين جي درآمد تي مڪمل پابندي هئڻ گهرجي، معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهده وزارت چيو ته سبسڊيز جي خاتمي سان بيروزگاري جو هڪ طوفان ايندو جنهن سان غربت ۾ بي پناهه واڌ ٿيندي، خاقان نجيب چيو ته ان صورتحال جي ذميواري عالمي حالتن تي آهي، ڪورونا کانپوءِ معيشت بحال ٿي، جنهن سبب تيل جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان به متاثر ٿيو، يوڪرين جنگ سبب به معاشي حالتون خراب ٿيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.