مهانگائي جو بار آفيسرن ۽ وزيرن تي به پوڻ گهرجي: زين شاهه

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه  تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ظالماڻو قرار ڏيندي  چيو آهي ته نيب جي ور چڙهيل حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو ڪري عام ماڻهو جو قتل عام ڪيو آھي ۽ ملڪ جون حالتون خانه جنگي ڏانهن وڃي رھيون آھن. پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو عوام سان زياتي  ۽ دوکو آهي، حڪومت مهانگائي سان عوام کي مارڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، حڪومت پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ڪري غريب عوام کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي  پيٽروليم شين جي واڌ کي رد ڪندي مطالبو ڪري ٿي  تازو ڪيل واڌ فوري طور واپس ورتو وڃي، هن چيو ته حڪمرانن کي غربت ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ پنهنجو طرز حڪمراني تبديل ڪرڻو پوندو. مهانگائي جو بار صرف غريب ۽ وچولي طبقي تي نه پر آفيسرن، وزيرن ۽ بيوروڪريٽس تي به پوڻ گهرجي. هن مطالبو ڪندي چيو  ته ججن، سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس جون پگهارون اڌ ڪيون وڃن ۽ سموريون مراعتون ۽ پروٽوڪول واپس ورتو وڃي، سمورن وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ ججن کي مفت پيٽرول جي فراهمي فوري طور بند ڪئي وڃي ۔ وزيرن ۽ سرڪاري ڪامورا شاهي کان لگزري گاڏيون فوري طور ضبط  ڪيون وڃن۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.