مسڪين عوام هڪ ويلي جي ماني به نٿو کائي سگهي: قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ملڪ کي لُٽي ان جي معيشت کي تباھ برباد ڪندڙ  حڪمران خود آهن جنهن جي سزا وري عوام کي ڏني پئي وڃي. هن پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هنن حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪري غريب مسڪين عوام هڪ وقت جي رُکي ماني جو گرهه کائي نٿو سگهي. روز مرہ جي استعمال جون شيون ايتريون ته مهانگيون ٿي ويون آهن جو هاڻي اهي عام ماڻهن اوتري قوت خريد ناهي رهي. هڪ طرف ملڪ جي اندر بيروزگاري تيزي سان وڌي رهي آهي ته ٻي طرف حڪمران پيٽرول، بجلي ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي ملڪ جي ننڍڙين انڊسٽريز کي وڌيڪ خساري ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن سان اڃان بيروزگاري وڌندي جنهن سبب بک، بيروزگاري ۽ بدحالي ۾ ماڻهو خودڪشيون ڪندا يا وري ڏوھ ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.