دعا زهريٰ معاملو ختم ٿي ويو، هاڻ ان تي نه ڳالهايو وڃي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته دعا زهرا جو معاملو ختم ٿي ويو، هاڻ ان تي ڳالهه نه ڪئي وڃي ته بهتر آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو سمورين پوليس اسٽيشنز تي ڪميرائون لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن مان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي هيس ته ڪراچي جي ٿاڻن ۾ ڪئميرائون لڳرايون، هاڻ سڄي سنڌ ۾ لڳرائي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪئميرائون لڳائڻ جو مقصد اهو آهي ته شهرين کي غير قانوني طور حراست ۾ نه رکي سگهجي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.