ڪراچي ننڍي چونڊ جنگ جو ميدان، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٽي ايل پي کي سرسي

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو)اليڪشن ڪميشن ڪجهه هنڌن تي گڙٻڙ سبب نتيجو جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ٽي ايل پي آر ٽي ايس سسٽم ويهڻ تي ڳڻتي ڏيکاري آهي،   ڪراچي ۾ اين  اي 240 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوران سياسي جماعتن ۾ جهيڙي سبب ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. لانڍي نمبر 6 ۾ ٻن سياسي جماعتن ۾ جهيڙو ٿيو، مختلف هنڌن تي فائرنگ جا واقعا به سامهون آيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پولنگ دوران گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول انصاري پاڙي يوسي 2 لانڍي ۾ ٻن سياسي جماعتن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا، سياسي جماعتن جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس لٺبازي ڪئي. جناح اسپتال انتظاميا موجب 7 زخمي آندا ويا، جن مان هڪ علاج دوران فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ 60 ورهين جي سيف الله جي نالي سان ٿي آهي. ڇڪتاڻ دوران پي ايس پي اڳواڻ انيس قائمخاني جي فائرنگ تي به فائرنگ ڪئي وئي، ان وقت انيس قائمخاني گاڏي ۾ موجود نه هو. انيس قائمخاني جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ايم پي اي افتخار عالم کي به گولي لڳي آهي، جڏهن ته پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جو هڪ ڪارڪن شهيد ٿيو آهي، حڪومت کان مطالبو آهي ته ذميوارن کي گرفتار ڪري يا اسان کي هٿيار ڏئي.  لانڍي جي زمان آباد ۾ پولنگ اسٽيشن مان بيلٽ پيپر چوري ڪندڙ سوگهو ڪيو ويو آهي،  پوليس موجب محمد علي جناح اسڪول زمان آباد مان حراست ۾ ورتل ماڻھو جي خلاف جعلي ووٽ ڪاسٽ جي شڪايت ڪئي وئي هئي . پوليس موجب حراست ۾ ورتلن کي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي. فوٽيج ۾ پرزائيڊنگ آفيسر کي بيلٽ پيپر سياسي ڪارڪنن کي ڏيندي ڏسي سگھجي ٿو . ذريعن موجب پي ايس پي اڳواڻ افتخار عالم کي جھيڙي دوران 2 گوليون لڳيون آهن  ۽ پي ايس پي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته  جھيڙي دوران اسان جا 6 کان 7 ماڻھو زخمي ٿيا آهن . جڏهن ته پي ايس پي ۽ مهاجر قومي موومينٽ جي آفاق گروپ جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ٿي، جهيڙي دوران مصطفيٰ ڪمال به موجود هو .  واضح رهي ته اين اي 240 جي اها سيٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. هوڏانهن ٽي ايل پي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سخت مقابلو رهيو. رات دير تائين آيل نتيجن تحت ٽي ايل پي اميدوار ڪاميابي طرف هو. ٽي ايل پي اميدوار 10272 کان وڌيڪ ووٽ کنيا هئا، متحده به 10200 تي پهتل هو.  ايم ڪيو ايم جو به سخت مقابلو رهيو. مهاجر قومي موومينٽ، پي ايس پي، پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي ٻوٽو نه ٻاريو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.