وڏي وزير تشدد واقعن جو نوٽيس ورتو، سخت ڪارروائي جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين اي 240 تي فائرنگ واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ننڍي  چونڊ ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. مراد علي شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته فائرنگ ۽ جهڙپن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان ڪنهن کي به پرامن پولنگ عمل ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. سنڌ جي وڏي وزير ننڍي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين تي زور ڀريو آهي ته اهي ذميواري سان ڪم وٺن ، اسان سياسي ماڻهو آهيون ۽ تشدد جي اجازت نه ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.