خط سياسي هو ته عمران قومي سلامتي ڪميٽي ۾ ڇو کڻي ويو: مريم نواز

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز  سوال اٿاريو آهي ته خط سياسي معاملو هو عمران خان اهو سلامتي ڪميٽي ۾ ڇو کڻي ويو؟جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر سياسي ڳالهه نه پيو ڪري وٽس ثبوت آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف ۾ ٿيل معاهدي جي پاسداري نه ڪريون ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها،پي ٽي آءِ جي معاهدي تحت  پيٽرول جو اگهه 300 رُپيا في ليٽر هجي ها، شهباز حڪومت پيٽرول تي پنهنجي طرفان هڪ پئسو به ناهي وڌايو . اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي واري معاملي تي نواز شريف جي بيان بابت سندس چوڻ هو ته نواز شريف انساني حقن جي بنياد تي پرويز مشرف بابت بيان ڏنو هو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي اڳيان نواز شريف کي 1999ع ۾ ڪراچي جي عدالت ۾ ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، مان ان عدالت ۾ موجود هئس، کيس اٽڪ جي قلعي ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ جلاوطن ڪيو ويو، هو پنهنجي والد جي آخري رسمن ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، ان وقت حڪمران مشرف هو، مشرف جنهن اسٽيج تي آهي نه اُٿي ٿو سگهي نه ويهي ٿو سگهي، نواز شريف اهڙو بيان ڏئي وڏي دل جو مظاهرو ڪيو آهي.  هن چيو ته عمران خان ۽ سندس جعلي جماعت لاءِ اڪيلي کوڙ آهيان، عمران خان هڪ مهيني تائين راڻا ثناءُ الله کان ڊڄي وڃي پشاور ۾ لڪي ويهي رهيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.