اسٽيبلشمينٽ کي اڻ ڌريو رهڻ لاءِ اداري مان جانبداري ختم ڪرڻ جي ضرورت!

ڪراچي (تبصرو: زلف پيرزادو )اسلام آباد ۽ لاهور جي سياسي ۽ صحافتي حلقن توڙي سوشل ميڊيا تي آرمي چيف جي ملازمت مدي ۾ وڌيڪ هڪ سال واڌ تي گرما گرم بحث  جاري آهي، هڪڙن حلقن جو خيال آهي ته اهو شوشو اصل ۾ عمران خان کي ڊيڄارڻ لاءِ آهي.  ڪجهه صحافي دوستن جو خيال آهي ته اهو مسئلو  واقعي  به ٻنهي پاسي بحث هيٺ آهي. حقيقت ۽ شوشي جو جائزو وٺڻ وران محسوس اهو ٿئي ٿو ته مستقبل تي نظر رکندڙ موجوده حالتن کي ذهن ۾ رکي ضرور ڪجهه سوچيندا هوندا. هڪ ڳالهه جنهن تي سنجيدا ۽ غير جابندار صحافي متفق آهن ته عمران خان کي جن قوتن ڪلهن تي کڻي اقتدار ۾ آندو هو، اهي قوتون ختم ته ڪونه ٿي ويون آهن. جڏهن چيو وڃي ٿو ته عمران خان کي اڄ  به سسٽم مان ڀرپور حمايت حاصل آهي ته ان جو ڇا مطلب آهي. سسٽم مان مراد ڇا آهي. مراد اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۾ ضرور اهڙو حصو موجود آهي. جنهن جي پي ٽي آءِ کي پٺڀرائي حاصل آهي، ان کانسواءِ رٽائرڊ آفيسرن جو به هڪ وڏو انگ عمران خان جي پوئلڳن ۾ شامل آهي، جن خلاف ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي. هڪ (ر)  جنرل سميت 5  آفيسرن جي پينشن ۽  ميڊيڪل سميت سموريون مراعتون بند ڪيون ويون آهن. رٽائرڊ آفيسرن کي پنهنجي اداري جي نظم ضبط ۽ قانون  جي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي،  فوج جو قانون آهي ته جيڪڏهن ڪوبه  رٽائرڊ عملدار  اداري جي نظم ضبط جي سنگين  ڀڃڪڙي ڪندو ته ادارو ان کي طلب ڪري ڪورٽ مارشل به ڪري سگهي ٿو. بهرحال چوڻ جو مقصد آهي ته جڏهن اسٽيبلشمينٽ غير جابندار رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي تڏهن اهو به ضروري آهي ته اداري اندر جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح جابندار بڻيل آهن. انهن جو به بندوبست ڪيو وڃي، تڏهن ئي ادارو اڻڌريو  ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، آرمي چيف جي ملازمت مدي ۾ سال واڌ پٺيان اهڙو به ڪو منطق ڪار فرما  ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هڪ سال اندر  ڪيترائي آفيسر رٽائر ٿي و يندا ۽ ڪي ترقيون ماڻي اڳين صف ۾ ايندا. اهڙي طرح گهڻي حد تائين صفائي ٿي ويندي ۽ ايندڙ قيادت غير جابندار پاليسي کي جاري رکندي ڇو ته موجوده آرمي چيف کي اهو ثابت ڪرڻ جو موقعو ملندو ته هو اڻڌريو  آهي ۽ ايندڙ قيادت ان تسلسل کي جاري رکندي، جيتوڻيڪ اڃان تائين ڪنهن به طرف کان  تصديق يا ترديد نه ٿي آهي ته هڪ سال توسيع وارو معاملو افواهه، شوشو يا واقعي غور هيٺ آيل معاملو آهي، ان هوندي به سنجيدا سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ بحث ضرور هلي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.