ناظم جوکيو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ جي درخواست تي نوٽيس

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ناظم جوکيو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جي درخواست تي سمورن جوابدارن  کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.درخواستگذار چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايف آءِ آر ۾ موجود حقيقتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.بااثر جوابدارن سان گڏ بااثر جوابدار پڻ شامل ٿي ويو آهي، خوف ۽ حراس پکيڙڻ لاءِ ناظم جوکيو کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر جوابدار تمام گهڻا بااثر آهن. سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪيس واپس دهشتگردي جي انت واري عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، ڪيس ۾ ٻيهر دهشتگردي جون شقون شامل ڪيون وڃن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.