سڪندر منڌرو جي تدفين کان اڳ چونڊ شيڊيول: اليڪشن ڪميشن تي سخت تنقيد

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي اڃان تدفين ناهي ٿي،  اليڪشن ڪميشن سندس سيٽ تي اليڪشن شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، اهو اليڪشن شيڊول واپس يا ملتوي ڪيو وڃي. جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته ڊاڪٽر سڪندرو منڌرو جي اڃان تدفين به ناهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن سندس سيٽ تي اليڪشن جي لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ کان نامزدگي ڪاغذ به وصول ڪيا پيا وڃن، سينيٽر بهره مند تنگي چيو ته جيستائين سيٽ خالي قرار نه ڏني وڃي شيدول جاري نه ٿيڻ گهربو هو، سينيٽر مشتاق احمد چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي مينڊيٽ کي اورانگهيو آهي. سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اپيل نٿا ڪري سگهون ڇاڪاڻ جو هو ڪا به اپيل ٻڌندي نه آهي، اعظم سواتي چيو ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي تدفين کانپوءِ ئي اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ گهرجي ها، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي پارٽي جو ميمبر هو، اسان کي شيڊول تي ڪو به اعتراض نه آهي، ادارن تي تنقيد نه ڪئي وڃي،

  • سٽي ڪورٽ ۾ قيدي جي آپگهات ڪوشش، زخمي ٿي پيو

ڪراچي ( رپورٽر) سينٽرل جيل مان ايندڙ قيدي جي سٽي ڪورٽ ۾ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي وئي. قتل ڪيس جي جوابدار ڳچيءَ ۽ سيني تي بليڊ جا نشان هڻي پاڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار محمد نبي جي وات ۾ بليڊ جا وار لڪايا هئا. جوابدارن جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.