ڪرمپورڀرسان عورتاڻي آواز تي هرکجي هڪ ڄڻو اغوا، ٻيو ڀڄي نڪتو

ڪرمپور  (ن ع آ)   ڪرمپور ڀرسان عورتاڻي آواز تي هرکجي نوجوان رحمت الله گولو اغوا ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ محمد حسن گولو جو رهواسي  رحمت الله گولو عورت جي عشق ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو مغوي رحمت الله گولو سندس ساٿي جيئل گولو عورت سان ملڻ لاء پهتا هٿياربندن رحمت الله کي اغوا ڪري کڻي ويا جيئل گولو اغوا ٿيڻ کان بچي ويو بچي ويل نوجوان ٻڌايو ته ڳوٺ کان موٽرسائيڪل تي آياسين شيرمحمد لاڙي وٽ پهتاسين ته موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند رحمت الله کي کڻي ويا آءۡ ڀڄي جان بچائي هٿياربند موٽرسائيڪل به ڪاهي ويا اطلاع بعد ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان کان تفصيل ورتا ڪرمپور پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي هرکجي اغوا ٿيو آهي حد ٺل بي سيڪشن ٿاڻي جي آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٺل بي سيڪشن پوليس جو چوڻ هو ته اسان جي حد ناهي نوجوان ڪرمپور مگسي روڊ تان اغوا ٿيو آهي حد ڪرمپور ٿاڻي جي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.