پيرڳوٺ لڳ امتحان ڏئي واپس موٽندڙ شاگرد کان موٽرسائيڪل ڦر

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پيرڳوٺ ۾ پيپر ڏئي واپس شهر ايندڙ شاگرد محمد سرور عباسي کي هٿياربند ڪاليج موڙ وٽ يرغمال بڻائي ون ٽو فاء موٽر سائيڪل ڦر ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي شاگرد کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ ڪاليج جي شاگردن سخت احتجاج ڪندي چيو ته 24 ڪلاڪن اندر موٽرسائيڪل واپس نه ٿي ته امتحان جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪنداسين.

  • لاڙڪاڻي لڳ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت، 2 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ۽ ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ ڪالهه منجهند ڌاري لاڙڪاڻي ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ شهر جي مدينه ڪالوني واسي نوجوان منصب ڪلهوڙو تڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته حادثي ۾ ٻه نوجوان جميل بروهي ۽ شيراز بروهي سخت زخمي ٿي پيا، نوجوان جي لاش ۽ ٻنهي زخمين کي علائقي واسين کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي نوجوان جو لاش ڏسي وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا جيڪي لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي فوتي ۽ زخمين جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ڪاڙهي واري گرمي کان بچڻ لاءِ دودائي روڊ تي قائم سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ لاءِ گهران نڪتا ته ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي وٽ لنڪ روڊ تي تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان  جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

  • لاڙڪاڻي ۾ مبينا مقابلو، جوابدار گرفتار،  هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ ڦورو کي بغير لائسنس هٿيار ۽ گولين سميت گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي  آهي. ان سلسلي ۾ دڙي ٿاڻي جي پوليس جانورن جي اسپتال ويجهو مبينا طور ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي هٿيار ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان دڙي پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ عامر جتوئي طور ٿي آهي جنهن وٽان بغير لائسنس پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري سرڪار طرفان اي ايس آءِ جي فرياد تي ٻه ڌار ڌار ڪيس گناهه نمبر 2022/65 قلم 34، 353، 324، 401 پي پي سي ۽ گناهه نمبر 2022/66 قلم ايس اي اي 24 تحت داخل ڪيا ويا آهن جنهن کان وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.