ڪراچي (پ ر ) پورٽ قاسم پيپلز ليبر يونين جي صدر سيد لال شاهه، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سيد رياض شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري شير محمد بلوچ جي محنت ۽ ليبر واري صوبائي وزير سعيد غني سان ملاقات، صدر سيد لال شاهه ۽ ٻين صوبائي وزير کي پورٽ قاسم ڪراچي جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ اليڪشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته مزدورن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ساڻن تعاون ڪيو ويندو.