لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جو لاواث حالت ۾ لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي احاطي مان 55 سالن جي پيرسن موالي جو لاوارث حالت ۾ لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌهي رضاڪارن لاش کي دفنائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد چانڊڪا سول اسپتال جي احاطي مان 55 سالن جي پيرسن موالي جو لاش ڏسي اسپتال جي عملي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي پوليس لاش ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو جن طرفان لاش کي لاوارث قرار ڏيندي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته چانڊڪا سول اسپتال جي احاطي مان 55 سالن جي پيرسن موالي جو لاش هٿ آيو هو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو جن لاش کي لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.