راڌڻ لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ لڳ ڳوٺ تاج محمد زرداري ۾ زرداري  جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ ڪري 2 ڄڻا مختيار زرداري ۽ نادر زرداري زخمي ٿي پيا جن کي اعلاج لاء راڌڻ اسپتال آندو ويو جتي احتجاج ڪندي مختيار زرداري چيو ت آصف زرداري جو اڳوڻو باڊي گارڊ غلام عباس  عرف بچل زرداري اسان سان ناجائزي ڪري  اسان جي گهرن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اوطاق  تي ويهي شراب جي نشي ۾ ھر روز اسان مٿان گارگند ڪري تزليل ڪري رهيو آھي پر اسان مسڪين ۽ بي پھچ آھيون اسان جو ڪو ب نٿو ٻڌي جڏھن ت اسان جا مخالف زرداري ھائوس جا بااثر آھن ھنن جي ھلي ٿي اسان جي راڌڻ پوليس ب نٿي ٻڌي اسان ٿاڻي تي رپورٽ لاء آياسين ت پويان اسان جي گھر ۾ ٻارن تي حملو ڪري دروازو ڀڳو ويو ٻئي طرف بااثر بچل عرف عباس زرداري جي ڀاء اسحاق زرداري صحافين آڏو دانھيندي چيو ت اسان مخالفن تي ڪو ب حملو ناھي ڪيو پر مومن زرداري ۽ ٻيا چرس وڪرو ڪندڙ آھن ۽ چرس خريد ڪندڙ موالي اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ اسان ھنن کي منشيات وڪرو ڪرڻ کان جھليون ٿان ته  ھنن مسلح ٿي اسان جي گھرن ۾ گھڙي اسان تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن کي پڻ زخمي ڪيو آھي ۽ الٽو اسان تي حملي ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي باقي غلام عباس عرف بچل زرداري ھتي نه آھي نه  ئي ان جو ڪو جھيڙي سان ڪو تعلق آھي ۽ مخالفن جي حملي ۾ اسان مان  الطاف زرداري صغير زرداري احسان زرداري حاصل زرداري سميت ٻه عورتون زخمي آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.