پورٽ قاسم ويجهو خانگي موٽرز ڪمپني جي ويئر هائوس کي باهه

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)ملير جي علائقي پورٽ قاسم جي انڊسٽريل ايريا ۾ نجي موٽرز ڪمپني جي ويئر هائوس ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، باهه  لڳڻ سبب ويئر هائوس ۾ پيل ڪروڙين روپين جو اسپيئر پارٽس ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، باهه تيزي سان پکڙجڻ لڳي باهه سبب گودام اندر زوردار ڌماڪن سبب ڀرپاسي جي ڪمپنين جي ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، اطلاع تي فائر برگيڊ جون 10 کان وڌيڪ گاڏيون واقعي واري هنڌ پهتيون، فائر برگيڊ عملي جي ڊگهي جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آندو ويو، ان موقعي تي بن قاسم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ۽ باهه واري سموري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، پوليس موجب باهه سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته هر قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايمبولنس ۽ ٻيو عملو پڻ موجود رهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.