ڪوٽڙي ۾ ٺيڪيدار کان 85 هزار ڦر، مزاحمت تي سخت زخمي، ڌرڻو

ڪوٽڙي (ن ع آ) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ گذريل شام ڦاٽڪ اور ھيڊ برج پل ڀرسان نامعلوم هٿياربندن ليبر ٺيڪيدار خدابخش خاصخيلي  کان 85 هزار ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪري فرار، مزاحمت تي زخمي، ٺيڪيدار پنهنجي ليبر سميت ڪوٽڙي اور ھيڊ برج پل تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو احتجاج ڪندي متاثر ٺيڪيدار خدا بخش خاصخيلي ۽ اختر ڪلهوڙو چيو تہ ڪالھ شام  اسان حيدرآباد کان 85 هزار رقم کڻي ڪوٽڙي طرف ليبر کي ڏيڻ اچي رهيا هياسين تہ نامعلوم ڦورن رستا روڪ ڪري هٿيارن جي زور تي روڪ رقم ۽ ٻہ عدد موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، ڦورو جي سڃاڻپ ٿي آهي پر پوليس اڃا تائين ڪجھ بہ ناهي ڪيو هنن چيو تہ اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ڦر ٿيل روڪ رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي جيئن مزدورن جي گهر جا چلها ٻري سگهن، هوڏانهن سائيٽ پوليس پهچي مزدورن سان ڳالهيون ڪيون ڳالھيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾  پوليس پورھيتن مٿان تشدد ڪري زبردستي روڊ کولرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.